خضدار: سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ “فتنته الهندستان” جا 14 دهشتگرد مارجي ويا

خضدار: سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ “فتنته الهندستان” جا 14 دهشتگرد مارجي ويا

خضدار (نمائندو خاص) — سيڪيورٽي فورسز خضدار جي علائقي زهري ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي مبينه طور تي فتنته الهندستان جي 14 دهشتگردن کي ختم ڪري ڇڏيو. آپريشن دوران ڪيترن ئي دهشتگردن جا ٺڪانا تباهه ڪيا ويا ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، اهڙي رپورٽ پوليس ۽ سيڪيورٽي ذريعن موجب ملي آهي.رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آپريشن جو مقصد علائقي ۾ امن خراب ڪرڻ ۽ پرامن ماڻهن کي دهشتگردي سان ڊڄائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ هو. سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران مقامي ماڻهن جي تعاون سان دهشتگردن جي ڪيترن ئي لڪيل جڳهن کي نشانو بڻايو ۽ ڪيترائي هٿيار، مهمات ۽ سامان ضبط ڪيو ويو.مقامي عوام سيڪيورٽي فورسز جي هن ڪاميابي واري آپريشن جي ساراهه ڪئي ۽ دهشتگردن جي ٺڪانن جي تباهي تي خوشي جو اظهار ڪيو. فوجي ۽ پوليس ذريعن چيو آهي ته تنظيم مسلسل ناڪامين سبب دٻاءَ هيٺ آهي ۽ سيڪيورٽي ادارا عوام جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار رهندا.سيڪيورٽي فورسز اعلان ڪيو آهي ته عوامي تعاون جاري رهي ته اهي فتنته الهندستان جهڙن دهشتگردن جا ٻيا قلعا به ختم ڪندا. حڪومتي ۽ سيڪيورٽي ذريعوئن موجب لاش ۽ زخمين جي صحيح انگ اکر ۽ آپريشن جا تفصيلي نتيجا وڌيڪ تحقيق ۽ قانوني ڪارروائي کانپوءِ جاري ڪيا ويندا.

پنھنجي راءِ لکو