سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هاڻي پوليو جي خاتمي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، ۽ اهي والدين جيڪي پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيا پيارين، انهن خلاف ڪارروائي تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي.وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو:”مون وٽ هاڻي ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو سواءِ انهيءَ جي ته اهڙن ماڻهن کي سزا ڏيان، جيڪي قومي ذميواري کي سمجهڻ کان انڪار ڪن ٿا.”ممڪن ڪارروائيمراد علي شاهه اعلان ڪيو ته اهڙن والدين جي موبائل فون جون سمون بند ڪرڻ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ويندا ته جيئن هو مواصلاتي ۽ سفري سهوليتن کان محروم ٿي سگهن.نئون سيل قائماجلاس ۾ وڏي وزير حڪم ڏنو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ “پوليو ويڪسين انڪار سيل” قائم ڪيو وڃي، جيڪو خاص طور تي انهن والدين خلاف رپورٽون گڏ ڪندو جيڪي بار بار پوليو مهم ۾ سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.مراد علي شاهه زور ڏنو ته پوليو جو خاتمو رڳو حڪومت نه پر سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ٻارن کي ڦڙا نه پيارڻ سان نه صرف هڪ خاندان پر پوري معاشري کي خطرو ٿيندو آهي.
