شڪارپور: قومي شاهراهه تي ٽرڪ ستل مزدورن تي چڙهي وئي، 7 فوت، 6 زخمي

شڪارپور ۾ قومي شاهراهه باءِ پاس تي هڪ تيز رفتار ٽرڪ روڊ ڪناري تي ستل مزدورن کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 مزدور ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڀاڄين سان ڀريل ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري مزدورن تي چڙهي وئي. اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي علاج فراهم ڪيو پيو وڃي.شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مڪمل جاچ کان پوءِ ئي حادثي بابت حتمي راءِ ڏني ويندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ٽرڪ ڊرائيور ۽ مالڪ خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم به ڏنو.


پنھنجي راءِ لکو