پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ وڏو اضافو

پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به واپاري ڏينهن دوران سون جي في تولہ قيمت ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولہ سون 2100 رپين جي واڌ سان 4 لک 9 هزار 878 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 1801 رپيا وڌي 3 لک 51 هزار 404 رپيا ٿي ويو. ساڳئي وقت عالمي مارڪيٽ ۾ به سون 21 ڊالر وڌي 3886 ڊالر في اونس تي پهچي ويوماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ اُتار چڙهاءُ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ طلب مقامي سطح تي به سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻيو آهي.ياد رهي ته سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي قيمت اڪثر افراط زر، سياسي ۽ معاشي اڻويهين حالتن ۾ وڌي ويندي آهي. صديون اڳ کان سون کي دولت ۽ ڪرنسي جي صورت ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي، جڏهن به سيڙپڪار ٻين اثاثن بابت غير يقيني محسوس ڪندا آهن ته اهي گهڻو ڪري سون خريد ڪندا آهن.گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جو طريقو تبديل ڪيو ويو هو، جنهن تحت مقامي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ جي ريٽ کان 20 ڊالر في اونس وڌيڪ مقرر ڪئي ويندي آهي۔


پنھنجي راءِ لکو