پاڪستان سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن حماس جي اُن آڇ جو ڀليڪار ڪيو آهي، جنهن تحت غزه جو انتظام ماهر ٽيڪنوڪريٽس تي ٻڌل عبوري فلسطيني انتظامي ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو. پرڏيهي وزارت جي بيان موجب اردن، متحده عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪي، سعودي عرب، قطر ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن گڏيل طور تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه جنگ ختم ڪرڻ بابت تجويز تي حماس جي مثبت ردعمل کي ساراهايو آهي۔گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته حماس جي طرفان يرغمال بڻايل ماڻهن جي آزادي ۽ ان لاءِ ڳالهين جي شروعات اهم اڳڀرائي آهي. ساڳئي وقت صدر ٽرمپ جي اسرائيل کي فوري بمباري روڪڻ واري اپيل جي به آجيان ڪئي وئي آهي۔پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ملڪن جا پرڏيهي وزير خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي ڪوششن کي ساراهن ٿا ۽ هن عمل کي جامع ۽ پائيدار جنگبندي ڏانهن اهم قدم قرار ڏين ٿا۔بيان ۾ زور ڏنو ويو آهي ته غزه ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ فوري امداد پهچائڻ ضروري آهي ۽ ڪنهن به اهڙي عمل کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو فلسطيني شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي. گڏيل بيان ۾ اهو پڻ چيو ويو ته فلسطين اٿارٽي جي غزه واپسي ۽ غزه ۽ مغربي ڪناري جي اتحاد لاءِ عملي قدم کنيا وڃن۔ساڳئي وقت سيڪيورٽي مڪينزم قائم ڪرڻ، اسرائيلي فوج جي مڪمل انخلا ۽ غزه جي ٻيهر تعمير کي به وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو ويو آهي۔پرڏيهي وزارت واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ساٿي ملڪ ٻن رياستن جي حل جي بنياد تي ئي پائيدار ۽ منصفاڻي امن جي قيام جا حامي آهن، جنهن سان فلسطيني عوام کي سندن جائز حق ملي سگهن۔
