دفاع واري وزير خواجه آصف ڀارت جي اعليٰ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت هن ڀيري انشاءَالله پنهنجي جهازن جي ملبي ۾ دفن ٿيندو.ايڪس تي جاري بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي فوجي ۽ سياسي قيادت جا بيان پنهنجي ئي خاڪ ۾ مليل ساک کي بحال ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي.خواجه آصف چيو ته اهڙي شڪست کان پوءِ، جنهن جو اسڪور “0-6” رهيو هجي، جيڪڏهن ٻيهر شرارت ڪئي وئي ته نتيجو اڳي کان وڌيڪ خراب ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ عوامي راءِ پنهنجي حڪومت خلاف وڌي رهي آهي، مودي سرڪار تاريخي شڪست کان پوءِ بدحواس ٿي وئي آهي ۽ ساڳي دٻاءُ سندن اڳواڻن جي بيانن مان به ظاهر ٿئي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان الله جي نالي تي ٺهيل رياست آهي ۽ اسان جا محافظ الله جا سپاهي آهن، انشاءَالله ڀارت پنهنجي جهازن جي تباهي سان ئي عبرت حاصل ڪندو.ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪ فوج جي ترجمان به ڀارتي قيادت جي جارحاڻن بيانن کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو هو ته اهڙيون ڳالهيون ڏکڻ ايشيا جي امن لاءِ سنجيده خطرا بڻجي سگهن ٿيون.
