لاهور جي مقامي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن فلڪ جاويد جو جسماني ريمانڊ 4 ڏينهن لاءِ منظور ڪري ڇڏيو آهي.سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي فلڪ جاويد کي ضلعي ڪچهري ۾ جوڊيشل مجسٽريٽ نعيم وٽو جي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي درخواست ڏني. وڪيل صفائي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته وڌيڪ ريمانڊ غيرضروري آهي.عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ۽ پوءِ فلڪ جاويد جو جسماني ريمانڊ 4 ڏينهن لاءِ وڌائي ڇڏيو.ياد رهي ته فلڪ جاويد، جيڪا پي ٽي آءِ جي اڳواڻ صنم جاويد جي ڀيڻ آهي، تي رياست مخالف ٽوئٽ ڪرڻ ۽ هڪ صوبائي وزير جي نامناسب تصوير سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا آهن، جن تحت ٻن ڪيسن ۾ هوءَ گرفتار آهي.
