وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي دوري تي روانو

وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي ٻه ڏينهن واري سرڪاري دوري تي ڪوالالمپور روانو ٿي ويو آهي. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ ۽ وزيراعظم جا خاص مددگار طارق فاطمي به ساڻس گڏ آهن.وزيراعظم شهباز شريف، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقاتون ٿينديون ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون به طئي آهن.پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، حلال انڊسٽري، سرمائيڪاري، توانائي، تعليم، انفرا اسٽرڪچر ۽ ڊيجيٽل معيشت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي غور ڪندا. ان سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا نوان معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتون به صحيح ڪيون وينديون.دوري دوران عوامي سطح تي رابطن کي وڌائڻ لاءِ به نون موقعن جي ڳولا تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.


پنھنجي راءِ لکو