پرويز رشيد جو مريم نواز جي حمايت ۾ بيان، پنجاب حڪومت جو موقف هر پاڪستاني جي دل جي آواز قرار

اسلام آباد, مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي حمايت ۾ سامهون اچي ويوپنجاب ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سينيٽر پرويز رشيد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جون صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيون آهن.
سينيٽر پرويز رشيد چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ حڪومت جو موقف آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي آبادڪاري ۽ بحالي پنهنجي وسيلن کان ڪئي وڃي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ عالمي ادارن سان رابطو ڪيو وڃي نواز ليگ اڳواڻ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جو موقف هر پاڪستاني جي دل جي آواز آهي، پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته اسان کي ڪنهن ٻئي ملڪ کان خيرات وٺڻ جي ضروت نه آهي.
سينيٽر پرويز رشيد چيو ته پنجاب حڪومت پنهنجي وسيلن سان ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي ڪري ڏيکاري اسان ٻوڏ کان پوءِ نه صرف انسانن پر جانورن کي به خوراڪ مهيا ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو