اسلام آبادسپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي پاران مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف حڪومتي اپيل رد ڪرڻ جو تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي اختلافي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ اليڪشن ڪميشن جون نظرثاني درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون ججز پنهنجي نوٽ ۾ لکي ڇڏيو آهي ته ٽئي نظرثاني درخواستون 9 جولاءِ 2024ع جي مختصر فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون، جڏهن ته صرف اليڪشن ڪميشن تفصيلي فيصلي (23 سيپٽمبر 2024ع) جي بنياد تي اضافي درخواستون جمع ڪرايون۔
اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا دليل تفصيلي فيصلي ۾ اڳ ئي ڏنا ويا آهن، وڪيلن ڪيس ٻيهر کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر نظرثاني جو دائرو محدود هوندو آهي، تنهنڪري نئون ڪيس کولڻ ممڪن ناهي۔
نوٽ موجب صرف اهي فيصلا نظرثاني جي قابل هوندا آهن جن ۾ واضح قانوني غلطي موجود هجي، جڏهن ته معمولي بي ضابطگي يا اختلافِ راءِ نظرثاني جي بنياد نٿو بڻجي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو