سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر پوليس ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتين ۾ بي ضابطگين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ضلعن جي اميدوارن جا ٻيهر انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس نمٽائي ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي ته هڪ مهيني اندر نئين ميرٽ لسٽ تيار ڪري عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي.ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياست علي ساھڙ تي ٻڌل آئيني بينچ ڪئي. اهي درخواستون گھوٽڪي، سکر ۽ خيرپور جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن طرفان داخل ڪيون ويون هيون، جن ميرٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو هو.عدالت ۾ آءِ جي سنڌ پوليس جي نمائندگي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي شيراز علي ڪئي، جڏهنتہ درخواستگذارن جا وڪيل شبير شر، ظفر شاهه، بدرالدين ميمڻ، شيراز فضل اويسي، اعجاز سپرا ۽ ٻيا موجود هئا.ٻڌڻي دوران عدالت سکر ڊويزن ۾ ڪانسٽيبلز جي تازي ڀرتين کي ڪالعدم قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته آءِ بي اي ذريعي تحريری امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جا هڪ مهيني اندر ٻيهر انٽرويو ورتا وڃن ۽ نئين ميرٽ لسٽ تيار ڪئي وڃي، جنهن جي بنياد تي ڀرتيون ڪيون وڃن.
