شڪارپور ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس حادثي جو شڪار

شڪارپور ڀرسان جعفر ايڪسپريس حادثي جو شڪار، 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويونشڪارپور جي ويجهو سلطان ڪوٽ واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پشاور کان ڪوئٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿيا آهن، جن کي شروعاتي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پاڪستان ريلويز جي ترجمان موجب ريسكيو ٽيمون فوري طور واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن⁠ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ به طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو متاثر ريلوي ٽريڪ تان شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي.واقعي سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ٽرينن جي آمد و رفت کي عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي.ڊي ايس ريلوي موجب ريلوي ٽريڪ جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو مڪمل ٿيڻ ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. پر شام پنجين وڳي تائين انهي ٽريڪ تي ڪنهن به ٽرين جي آمد جي اميد ناهي.ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ايس ايس پي شڪارپور کان تفصيل طلب ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي واقعي جي جاچ شروع ڪئي وڃي ۽ ريلوي ٽريڪ کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.ياد رهي ته 23 سيپٽمبر تي به اهڙو ساڳيو حادثو پيش آيو هو، جڏهن پشاور کان ڪوئٽه ويندڙ جعفر ايڪسپريس ڊيگاري ڪراس ۽ سرياب اسٽيشن جي وچ ۾ ڌماڪي سبب پٽڙي تان لهي وئي هئي، جنهن ۾ انجڻ سميت پنج ڪوچز ڊي⁠ريل ٿي ويون هيون. ان واقعي کان پوءِ جعفر ايڪسپريس جي سروس ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ڪئي وئي هئي.

پنھنجي راءِ لکو