“عمران خان کي سزا ڏيندڙ جج جي مقرري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج”

اسلام آباد: پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندڙ جج جي مقرري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب، شهري اسامه رياض وڪيل رياض حنيف راهي جي ذريعي جج ناصر جاويد رانا جي مقرري خلاف درخواست داخل ڪئي۔ رجسٽرار آفيس درخواست وصول ڪري ان تي ڊائري نمبر پڻ لڳائي ڇڏيو۔درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين جج ناصر جاويد رانا کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ جي 19 آڪٽوبر 2024 جي حڪمن جي روشني ۾ سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي۔ان سان گڏوگڏ درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن درخواست تي فيصلو ٿيڻ کان اڳ رٽائرمينٽ ٿئي ته 14 ڊسمبر 2022 کان پوءِ حاصل ڪيل مراعتون ۽ واجبات واپس ڪرايا وڃن۔ رٽائرمينٽ کان پوءِ کيس ڪنهن به پينشن يا ٻين فائدن جو حقدار نه قرار ڏنو وڃي۔ياد رهي ته ناصر جاويد رانا هن وقت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ويسٽ طور مقرر آهي

پنھنجي راءِ لکو