ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي ايم سي گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري وچ ۾ ٽئڪس وصولي جي تڪرار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي۔ عدالت توهينِ عدالت واري درخواست تي ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جي چيئرمين سميت ڇهن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو۔معطل ڪيل آفيسرن ۾ ٽائون ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ٽئڪس، ڊپٽي ڊائريڪٽر، ٽئڪس آفيسر ۽ هڪ ڪانٽريڪٽر شامل آهن۔درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت اڳ ئي حڪم ڏنو هو ته ٽئڪس وصولي جو معاملو وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو پيش ڪري حل ڪيو وڃي، پر ان جي باوجود ٽي ايم سي ابراهيم حيدري ڄامشورو وٽ چنگي ٺاهي غير قانوني ٽئڪس وصول ڪري رهيو آهي۔عدالت ٽائون انتظاميا جي عملدارن کي توهينِ عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي انهن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي۔
