ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) جماعت اسلامي پاران فلسطين ۽ غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هڪ وڏي غزه مارچ جو انعقاد ڪيو ويو. هي مارچ بختاور گرلز اسڪول کان پريس ڪلب تائين ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، مزدورن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.غزه مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ فلسطيني جهنڊا ۽ اسرائيل مخالف نعرا لکيل بينر هئا. شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي ظلم ۽ وحشت خلاف ۽ فلسطين جي حق ۾ نعرا هنيا، جن سان شهر گونجي اُٿيو.مارچ جي اڳواڻي ميان عبدالحسيب، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، اشوڪ ڪمار، عبيدالله ميرالي، مولوي رفيع الدين چنا، آفتاب باجڪاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.مارچ ۾ پيش ڪيل اهم مطالبا:اڳواڻن ۽ شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته:غزه تي اسرائيل جي وحشي بمباريءَ ۾ هزارين بيگناهه فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري اسرائيل کي ڪنهن به طرح سان رياست طور تسليم نه ڪيو ويندو.اسرائيل کي فوري طور تي جنگي مجرم قرار ڏنو وڃي ۽ ان تي بين الاقوامي عدالت انصاف (ICJ) ۾ ڪيس هلايو وڃي.فلسطين کي انصاف ڏيارڻ ۽ دنيا جي سڀني ماڻهن کي اسرائيل جي خلاف آڻڻ لاءِ اسان پنهنجو آواز بلندڪنداسين.عالمي تنظيمون اسرائيلي بربريت جو نوٽيس وٺن ۽ فوري طور تي جنگ بند ڪرائين.شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ جو هر ماڻهو غزه جي مظلوم ڀائرن سان گڏ آهي ۽ انصاف ملڻ تائين احتجاج جو اهو سلسلو جاري رهندو.
