ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ):ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ استادن جو عالمي ڏينهن احترام ۽ عقيدت سان ملهايو ويو۔تقريب جي صدارت پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور پروفيسر محمد هاشم ميمڻ ڪئي۔پروگرام جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪيڊٽن مختلف ٻولين ۾ تقريرون پيش ڪيون۔ڪيڊٽ حسن انگريزي ۾، ڪيڊٽ محمد اردو ۾، جڏهن ته ڪيڊٽ زيب نواز سنڌي ۾ تقريرون پيش ڪيون، جن ۾ استادن جي عظمت، ڪردار ۽ خدمتن تي روشني وڌي۔ڪيڊٽن پنهنجي خطابن ۾ چيو ته استاد قوم جو معمار هوندو آهي، جيڪو علم، اخلاق، نظم ۽ زندگيءَ جو شعور پيدا ڪري ٿو۔صدارتي خطاب ۾ پروفيسر محمد هاشم ميمڻ چيو ته:“استاد قوم جي روح آهي، جيڪو پنهنجي علم، اخلاق ۽ دانائي سان نسلن کي روشن ڪندو آهي۔ هڪ سٺو استاد شاگرد جي زندگي بدلائي سگهي ٿو۔”تقريب جي آخر ۾ پرنسپال صاحب استادن کي سندن خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ ڪيڊٽن جي ڪارڪردگيءَ کي به ساراهيو۔
