اورڪزئي ۾ سيڪيورٽي آپريشن: 19 ڀارتي حمايت يافته خوارج مارجي ويا، 11 جوان شهيد

ورڪزئي ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيل آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته 19 خوارج دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف، ميجر طيب راحت سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، 7 ۽ 8 آڪٽوبر 2025 جي رات سيڪيورٽي فورسز ضلعي اورڪزئي ۾ آپريشن ڪيو، جتي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنته الخوارج جي موجودگي جي اطلاع ملي هئي.آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائي سان 19 ڀارتي حمايت يافته خوارج مارجي ويا، پر شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف ۽ ميجر طيب راحت شهيد ٿيا، جن پنهنجي بهادري ۽ جرئت سان دشمن جو مقابلو ڪيو.شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف راولپنڊي جا رهواسي ۽ عمر 39 سال، جڏهن ته ميجر طيب راحت به راولپنڊي جا رهواسي ۽ عمر 33 سال هئي. ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سان گڏ وڌيڪ 9 سپاهي به ملڪ لاءِ قربان ٿي ويا.شهيدن ۾ شامل آهن:

  • نائب صوبيدار اعظم گل (خيبر)
  • نائيڪ عادل حسين (ڪرم)
  • نائيڪ گل امير (ٽانڪ)
  • لانس نائيڪ شير خان (مردان)
  • لانس نائيڪ طالش فراز (مانسهره)
  • لانس نائيڪ ارشاد حسين (ڪرم)
  • سپاهي طفيل خان (مالاڪنڊ)
  • سپاهي عاقب علي (صوابي)
  • سپاهي محمد زاهد (ٽانڪ)

سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن آپريشن جاري رکيو آهي ته جيئن ڪنهن به لڪل دهشتگرد کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ جوانن جون قربانيون ملڪ جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون.وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو، ۽ شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف، ميجر طيب راحت ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو، شهيدن لاءِ دعاءِ مغفرت ۽ ورثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ قربانين جي تعريف ڪئي ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

پنھنجي راءِ لکو