تفصيل موجب سعودي عرب جو اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد پاڪستان پهچي ويو آهي۔خارجه کاتي جي مطابق وفد جي اڳواڻي شهزادو منصور بن محمد آل سعود ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڪ–سعودي گڏيل بزنس ڪائونسل جا چيئرمين به آهن۔خارجه کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته سعودي وفد پاڪستاني قيادت، اعليٰ سرڪاري عملدارن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ مختلف ڪاروباري گروپن سان ملاقاتون ڪندو۔دوري جو مقصد ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نوان موقعا ڳولڻ آهي۔ترجمان موجب هي دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ويجهن ۽ ڀائرانه لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري واري ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار آهي۔ٻئي پاسي وزيراعظم جي سياحت بابت ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس پاران سعودي سيڙپڪارن جي اعزاز ۾ عشائيي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ اعليٰ عملدارن ۽ پاڪستاني بزنس ڪميونٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي۔عشائيي ۾ سعودي وفد جي اڳواڻي پرنس منصور بن محمد آل سعود ڪئي۔ان موقعي تي سردار ياسر الياس چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ اهم تجارتي ڀائيوار آهي۔هن وڌيڪ چيو ته سعودي سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ روزگار جا نوان موقعا، صنعتي ترقي ۽ سياحت جي شعبي ۾ عالمي سطح تي واڌارو ممڪن ٿيندو۔
