ميرپورماٿيلو پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري طفيل رند هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويو.پوليس موجب، طفيل رند ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ واپس وڃي رهيو هو ته جوابدارن سندس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. فائرنگ ميرپورماٿيلو جي علائقي جروار روڊ مسو واهه تي ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ سبب طفيل رند فوت ٿي ويو، ۽ ان جو مڙهه ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو. واقعي جي جاچ جاري آهي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپورماٿيلو ۾ صحافي طفيل رند جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صحافين تي حملا آزاد صحافت تي حملو آهن.هن آءِ جي سنڌ کان واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
