غزه لاءِ امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا جي قافلي ۾ شامل اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان اسرائيلي گرفتاري مان آزادي حاصل ڪرڻ بعد پاڪستان پهچي ويو.مشتاق احمد خان اسرائيلي قيد مان آزادي ملڻ کان پوءِ اردن پهتو هو، جتان هو اڄ گلف ايئر لائن جي اڏام ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو.گذريل رات سوشل ميڊيا پليٽفارم “ايڪس” تي اردن ۾ پاڪستاني سفارتخاني هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان، جنهن کي اسرائيلي اختيارين گذريل هفتي فلوٽيلا کي روڪڻ دوران گرفتار ڪيو هو، هاڻي محفوظ طريقي سان پاڪستان روانو ٿي ويو آهي.ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اردن جي نائب وزيراعظم ايمن الصفدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مشتاق احمد خان جي عمان واپسي ۾ اردن جي مدد تي ٿورائتو ٿيو.
