اسرائيل ۽ حماس معاهدي کان پوءِ نيتن ياهو ۽ ٽرمپ جو رابطو، هڪ ٻئي کي مبارڪباد

اسرائيل ۽ حماس معاهدو: نيتن ياهو ۽ ٽرمپ جو رابطو، هڪ ٻئي کي مبارڪبادحماس ۽ اسرائيل وچ ۾ يرغمالين جي آزادي واري معاهدي تي صحيحن کان پوءِ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جتي ٻنهي اڳواڻن معاهدي تي هڪ ٻئي کي مبارڪباد ڏني.نيتن ياهو ٽيليفون ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته هي معاهدو هڪ سفارتي ڪاميابي ۽ اسرائيلي رياست جي قومي ۽ اخلاقي فتح آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن اهم موڙ تائين فوجي ڪارروائين، عظيم دوست ۽ اتحادي صدر ٽرمپ جي ڪوششن سان پهتا آهيون.اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس موجب، نيتن ياهو صدر ٽرمپ کي اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيست) کي خطاب جي دعوت به ڏني آهي.ياد رهي ته اسرائيل ۽ حماس امن معاهدي جي پهرين مرحلي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته معاهدي تحت سمورن يرغمالين جي جلد آزادي عمل ۾ آندي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو