تحريڪ لبيڪ طرفان اسلام آباد ڏانهن امڪاني مارچ جي اعلان بعد شهر ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي۔پارٽي طرفان 10 آڪٽوبر تي وفاقي راڄڌاني طرف مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سبب انتظاميه فيض آباد تي ڪنٽينر رکائي ڇڏيا آهن ۽ اهم رستن تي پوليس ۽ رينجرز جون اضافي نفريون مقرر ڪيون ويون آهن۔ذريعن موجب، مري روڊ ۽ فيض آباد جي هوٽلن کي خالي ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا ويا آهن۔ في الحال اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا رستا کليل آهن، پر صورتحال کي ڏسندي ڪنهن به وقت رستا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي سگهي ٿو۔ان سلسلي ۾ سي پي او خالد همداني جي صدارت هيٺ امن امان بابت سينئر پوليس آفيسرن جو اجلاس ٿيو۔ سي پي او چيو ته ڪنهن به روڊ کي بلاڪ ڪرڻ يا ٽريفڪ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ۽ معمول جي زندگي کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به سرگرمي کي برداشت نه ڪيو ويندو۔هن وڌيڪ چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ پرتشدد عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ۽ ملڪيتن يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو۔
