خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي چونڊ کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏو نقصان پهتو آهي، ڇوتہ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جي اسيمبلي ميمبرن کي آزاد حيثيت ڏئي ڇڏي آهي۔رپورٽن موجب، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل سان لاڳاپيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي۔نوٽيفڪيشن مطابق، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪونسل جا سڀئي ميمبر هاڻي آزاد ميمبرن جي حيثيت سان تسليم ڪيا ويا آهن۔ ان سان گڏ پارٽين جي پوزيشن ۾ وڏي تبديلي آئي آهي ۽ نيون فهرستون جاري ڪيون ويون آهن۔اليڪشن ڪميشن موجب، پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن نئين سر ترتيب ڏني وئي آهي۔ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ميمبرن جي وابستگي پي ٽي آءِ يا سني اتحاد ڪونسل سان ظاهر نه ٿيندي۔
