سڪرنڊ معصوم هير باگڙي جو قاتل اوم پرڪاش باگڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

سڪرنڊ جي اصغر ڪالوني مان بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نياڻي هير باگڙي جو مک قاتل سندس ويجهو مائٽ اوم پرڪاش باگڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو۔ايس ايڇ او سڪرنڊ اڪبر علي چنا ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع مليو ته جوابدار اصغر ڪالوني ٽو ۾ لڪيل آهي۔ پوليس پارٽي جڏهن موقع تي پهتي ته جوابدار فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ پوليس پاران به فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ مک جوابدار اوم پرڪاش باگڙي مارجي ويو۔ايس ايڇ او موجب مارجي ويل جوابدار وٽان معصوم هير باگڙي جون سون جون واليون پڻ هٿ آيون آهن، جيڪي کيس قتل وقت ساڻ هيون۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن ڏينهن معصوم نياڻي دڪان تان شيءَ وٺڻ وئي هئي، ان وقت جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ جوابدار کي نياڻي سان گڏ ڏٺو ويو، جنهن جي بنياد تي پوليس جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي۔ پوليس مسلسل جاچ جاري رکندي آخرڪار وحشي قاتل کي سندس انجام تائين پهچائي ڇڏيو۔مارجي ويل جوابدار جو لاش تعلقہ اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو