سون ۾ سرمائيڪاري نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ ۽ پرڪشش سيڪٽر بڻجي چڪي آهي۔ سرمائيڪار ان کي محفوظ اثاثو ۽ منافع بخش ڪاروبار ٻنهي طور ڏسن ٿا۔ماهرن موجب عالمي منڊي ۾ پهريون ڀيرو سون 4 هزار ڊالر في اونس جي حد ڪراس ڪري ويو آهي، جنهن جا اهم سبب آمريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، ممڪن شٽ ڊائون ۽ تجارتي ڇڪتاڻ آهن، جيڪي سرمائيڪارن کي سون جي طرف آڻي رهيا آهن۔اقتصادي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته عالمي واپاري تڪرارن ۽ جغرافيائي حالتن سبب مارڪيٽ ۾ غير يقيني وڌي وئي آهي، جنهن ڪري ماڻهو سون جي خريداري تيز رفتار سان ڪري رهيا آهن۔ ان ئي ڊوڙ سبب سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ لڳاتار بلندي طرف وڃي رهي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان جي مارڪيٽن تي به پئجي رهيا آهن۔آل پاڪستان جيم اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جڏهن ڊالر ڪمزور ٿئي ٿو ته سون جي طلب وڌي ٿي، ۽ ٽرمپ جي واپاري پاليسين سبب ڊالر ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري عالمي سطح تي سون جي خريد وڌي وئي آهي۔پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ اضافي سبب شادي بياهه لاءِ زيورن جي خريداري تقريبن بند ٿي وئي آهي۔ سونارا چئي رهيا آهن ته ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ۽ ملڪ ۾ زيورن جا لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو ڪارخانا بند ٿي چڪا آهن۔ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته هاڻ وچولو طبقو سون بدران چاندي ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سونارا وڌندڙ قيمتن سبب سخت معاشي دٻاءَ ۾ آهن۔
