علي امين گنڊاپور مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪيو:فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور مير جعفر ۽ مير صادق جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو۔تفصيل موجب، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان صوبائي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ عبادالله جي ملاقات ٿي، جنهن دوران صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ان موقعي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امين گنڊاپور نالائق ۽ ڪرپٽ هو، هو ڪڏهن چوندو هو ته “رياست سان گڏ آهيون” ۽ ڪڏهن چوندو هو ته “دهشتگردن سان گڏ آهيون”، اهڙي رويي سان صوبو وڌيڪ نقصان برداشت نٿو ڪري سگهي۔فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته نئون نامزد وڏو وزير به ايترو قابل ناهي، تنهنڪري صوبو کيس به برداشت نه ٿو ڪري سگهي۔ٻئي پاسي، خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال تي هلچل وڌڻ بعد اپوزيشن جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سياسي حالتن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو