عمران خان ڪيترائي هفتا اڳ گنڊاپور بابت فيصلو ڪري چڪو هو، آخري ملاقات تڪرار جي انتها تي پهتي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڪيترائي هفتا اڳ ئي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، پر ٻنهي جي آخري ملاقات دوران حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويون۔ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور 30 سيپٽمبر تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هن عمران خان سان ملاقات دوران ٻڌايو ته تحريڪ انصاف ۾ گروپ بندي ۽ عمران خان کي مائنس ڪرڻ جي ڪوششن ۾ عليمه خان جو اهم ڪردار آهي۔علي امين گنڊاپور الزام هنيو هو ته عليمه خان کي پارٽي چيئرپرسن بڻائڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي، ۽ هن تي اهو به الزام لڳايو ته هو “ايم آءِ جي ايجنٽ” آهي۔ملاقات کان پوءِ علي امين ڪجهه وقت لاءِ خاموش رهيو، پر ذريعن موجب عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليمه خان کي انهن الزامن بابت آگاهه ڪيو۔ جيل مان نڪرڻ بعد عليمه خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ان بابت وضاحت ڏني، جنهن کان پوءِ علي امين گنڊاپور به ٻيهر سامهون اچي ويو۔

پنھنجي راءِ لکو