نواب شاهه صدر مملكت آصف علي زرداري ۽ حڪومتي وفد جي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ سياسي “سيز فائر” ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کان پوءِ حڪومتي وفد زرداري هائوس مان ايئرپورٽ روانو ٿي ويو، جڏهن ته وفد ۾ ايـاز صادق، اسحاق ڊار ۽ محسن نقوي شامل هئا۔ملاقات دوران ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ وڌندڙ لفظي تڪرار تي ڳالهيون ٿيون ۽ سياسي ماحول کي نرم ڪرڻ لاءِ “سيز فائر” تي اتفاق ٿيو۔ ذريعن موجب، محسن نقوي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ٿيل هن سياسي صلح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔صدر آصف علي زرداريءَ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تازي بيانن تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي عوام جي دل آزاري بابت تحفظات ظاهر ڪيا۔صدر زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ملڪ جون اهم اتحادي جماعتون آهن، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سنڌ جي عوام جي دل آزاري تي معذرت جو اظهار ڪيو۔سياسي ذريعن موجب، سيز فائر معاهدي کان پوءِ ٻنهي پارٽين جي قيادت پنهنجن اڳواڻن کي ميڊيا تي وڌيڪ بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ته جيئن تڪرار ۾ اضافو نه ٿئي۔ياد رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ن ليگ جي سنڌ ۽ پيپلز پارٽي جي پنجاب قيادت ۾ لفظي جهيڙو جاري هو، جيڪو سيلاب متاثرن جي معاوضن ۽ چولستان ڪينال منصوبي ۾ پاڻي جي حقن جهڙن مسئلن سبب شروع ٿيو هو۔
