ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان کي 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت هئي، پر امداد اڃا تائين نه ملي: پاڪستاني هاءِ ڪمشنر

برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان کي بحالي لاءِ 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت هئي، پر عالمي واعدن جي باوجود اڃا تائين مالي امداد فراهم نه ٿي سگهي آهيبرطانوي ميڊيا ۾ شايع ٿيل هڪ خصوصي مضمون ۾ ڊاڪٽر فيصل لکيو ته پاڪستان کي 2030 تائين موسمي تبديلي سان مطابقت (Climate Adaptation) لاءِ 15.2 ارب ڊالر جي ضرورت پوندي۔هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي بدران هنگامي امداد تي پنهنجا وسيلا خرچ ڪرڻا پيا آهن، جڏهن ته هي رُجحان پائيدار ترقي لاءِ نقصانڪار آهي۔ڊاڪٽر فيصل مطابق ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي 100 ارب ڊالر سالياني امدادي واعدي کي پورو ڪرڻ سان گڏ ان ۾ اضافو به ڪرڻو پوندو، ۽ اها امداد قرضن بدران گرانٽس يا نرم شرطن وارا قرض جي صورت ۾ مهيا ڪئي وڃي۔پاڪستاني هاءِ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪاپ 28 ۾ قائم ڪيل لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور فعال ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن متاثر ملڪن کي عملي مدد ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو