آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 خوارج مارجي ويا۔آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي بهتر ڪارروائي ۽ تڪڙي ردِ عمل سبب دهشتگردن کي ڀَڃي ڪڍيو ويو۔ سخت فائرنگ جي مٽاسٽا دوران ضلعو ڪوئٽه سان تعلق رکندڙ ميجر سبطين حيدر، جيڪو آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، شهيد ٿي ويو۔آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته مارجي ويل خوارجن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي۔ انهن دهشتگردن تي الزام آهي ته اهي سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين خلاف ڪيترين ئي دهشتگردانه سرگرمين ۾ ملوث هئا۔پاڪ فوج چيو آهي ته علائقي ۾ باقي ڀارتي حمايت يافته خوارجن جي موجودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ فتنته الخوارج جي دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم ورتا ويندا۔وزيراعظم شهباز شريف آپريشن جي ڪاميابي ۽ 7 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي تعريف ڪئي ۽ شهيد ميجر سبطين حيدر کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي سندن لاءِ بلند درجا ۽ خاندان کي صبر جي دعا ڪئي۔
