ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ بنگوار ۽ محمداڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار محمداڻي مارجي ويو۔اطلاعن موجب بنگوار برادريءَ جي هٿياربندن ڊاڪٽر عبدالجبار محمداڻي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو۔ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔هوڏانهن بنگوار برادريءَ جي هٿياربندن ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ بعد ويڊيو وائرل ڪئي، جنهن ۾ انهن دعويٰ ڪئي ته “ڊاڪٽر عبدالجبار محمداڻي کي قتل ڪري پلاند ڪيو آهي۔واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، جڏهن ته واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي۔
