اسلام آباد ۾ مذهبي جماعت طرفان وفاقي راڄڌاني ڏانهن مارچ جو اعلان ڪرڻ بعد انتظاميه شهر ۾ سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪري ڇڏي آهن. داخلي رستن تي ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا ويا آهن، جنهن سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.رپورٽن موجب راڄڌاني ۾ موبائيل ڊيٽا سروس به متاثر آهي ۽ شهرين کي موبائل تي انٽرنيٽ جي استعمال ۾ مشڪلات پيش اچي رهي آهي. انهي سان گڏ راولپنڊي جي مختلف نجي تعليمي ادارن ۾ موڪل ڏني وئي آهي.ٻئي طرف گهرو وزارت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائل انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط لکي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ به سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ فوري طور تي موڪل ڏني وئي آهي.سي اي او ايجوڪيشن لاهور جو چوڻ آهي ته رستن جي بندش سبب اسڪولن ۾ موڪل ڏني وئي آهي ۽ اسڪول والدين کي آگاهه ڪري رهيا آهن.گهرو وزارت جي خط موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٿري ۽ فور جي سروس معطل رهندي ۽ موبائل انٽرنيٽ اڄ رات 12 وڳي کان ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندي. موبائل انٽرنيٽ جي بندش سيڪيورٽي سببن جي آڌار تي ڪئي وئي آهي ۽ انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا ويا آهن.
