دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان هزارين طالبان کي پاڪستان آڻي ترسايو، اڄ به پي ٽي آءِ دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي۔خواجه آصف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته افغان حڪومت سان سالن تي ٻڌل ڳالهيون ۽ وفد جي ڪابل اچڻ وڃڻ جي باوجود پاڪستان ۾ رت وڇاڻو بند ناهي ٿيو، سالن کان اسان جي فوج ۽ عوام جو رت وهايو پيو وڃي، روزانو فوجي جوانن جا جنازا کڻي رهيا آهيون۔هن چيو ته 60 لک افغان پناهگيرن جي 60 سالن جي مهمان نوازي جي قيمت اسان پنهنجي رت جي نذر سان ادا ڪري رهيا آهيون۔ هاڻ وقت اچي ويو آهي ته افغان مهمان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃن، اها مفت خوري ۽ محسن ڪشي هاڻ بند ٿيڻ گهرجي۔خواجه آصف جو چوڻ هو ته اهي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي ميزبانن جو رت وهائين ٿا ۽ قاتلن کي پناه ڏين ٿا۔ ياد رهي ته انهيءَ کان اڳ قومي اسيمبلي ۾ به خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکڻ ۽ رعايت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏنو هو۔ هن چيو هو ته دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو۔
