بخشاپور جي شاهي بازار ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن دوران اُچتي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو۔مليل ڄاڻ موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان حبيب الله جمالاڻي ڊومڪي ٿئي موقعي تي مارجي ويو، جڏهنتہ هڪ ٻارڙو گولين لڳڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمي ٿي پيو۔ جوابدار فائرنگ ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا۔واقعي بابت اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن تي موقعي تي موجود ماڻهن لاش کي بخشاپور اسپتال منتقل ڪيو، جڏهنتہ زخمي ٻارڙي کي بهتر علاج لاءِ ڪشمور اسپتال کڻايو ويو۔لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي فضا ڇانئجي وئي۔اطلاعن موجب تڪرار ۾ ملوث ٻنهي ڌرين مورچا بند ٿي ويون آهن، جڏهنتہ واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي۔
