توشه خانه-II ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جا عدالت ۾ ڏنل بيان سامهون اچي ويا آهن۔عمران خان پنهنجي دفاع ۾ قلم 342 جي بيان ۾ چيو ته “ڇا 2018 جي توشه خانه پاليسي طابق صرف تحفي بابت رپورٽ نه ڪرڻ تي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟”هن چيو ته توشه خانه جا تحفا 7 کان 10 مئي 2021چ ۾ مليا، ۽ ان تي به نيب ڪيس ٺاهي ڇڏيو۔سابق وزيراعظم چيو ته ايف آءِ اي کي توشه خانه رولز موجب ڪو به اختيار حاصل ناهي، تنهن ڪري چوٿين جعلي ڪيس ۾ مونکي ۽ منهنجي زال کي بري ڪرڻ گهرجي۔هن الزام هنيو ته نومبر 2022 کان منهنجي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن۔عمران خان موجب انعام الله شاهه مکيه گواهه آهي، پر ان تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ان کي بدديانتي سبب ٻه پگهارون وٺڻ تي وزيراعظم آفيس مان برطرف ڪيو ويو هو۔هن وڌيڪ چيو ته انعام الله شاهه جهانگير ترين جي ٽولي جو حصو هو، ۽ جڏهن نيب ريفرنس ۾ گواهه طور پيش ٿيو ته بلغاري سيٽ جو ذڪر به نه ڪيو۔ٻئي طرف، بشريٰ بي بي به قلم 342 جو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ته بلغاري جيولري سيٽ قاعدن موجب ادائيگي ڪري پاڻ وٽ رکيو۔هن چيو ته انعام الله شاهه کي صهيب عباسي کان گهٽ قيمت لڳائڻ جو ڪڏهن به نه چيو۔ بيان ۾ ٻڌايو ته انعام الله شاهه پهريان پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۽ پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ٻنهي جڳهن تان پگهار وٺڻ تي کيس برطرف ڪيو ويو۔ بشريٰ بي بي چيو ته جيڪڏهن الزام درست آهي ته انعام الله مونکي گهٽ قيمت لڳائڻ تي 3 ارب 20 ڪروڙ جو فائدو ڏنو، پوءِ جولاءِ 2021 ۾ صرف 70 هزار پگهار کڻڻ تي ڇو برطرف ڪيو ويو؟ نيب جو ڪيس حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ختم ٿيڻ گهرجي۔ سندس چوڻ آهي ته نيب جو اختيار جو دائرو ناهي، ۽ اٽلي مان لڳايل قيمت کي شهادت طور پيش نٿو ڪري سگهجي۔ نيب چيئرمين بنا اختيار جي 23 مئي 2024 تي صهيب عباسي کي واعده معاف گواهه بڻايو۔يٰ بي بي چيو ته ايف آءِ اي ڪڏهن به جاچ نه ڪئي، ۽ هٿ ٺوڪئي رپورٽ جمع ڪرائي وئي۔ هن زور ڏنو ته “مان هڪ پرديدار عورت آهيان، ڪڏهن به ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ حصو نه ورتو، ۽ ڪنهن کي به قيمت گهٽائڻ جو نه چيو۔”بشريٰ بي بي وڌيڪ چيو ته “هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ايف آءِ اي وٽ ڪيس داخل ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، هڪ ئي ڏوهه تي بار بار سزا نٿي ڏئي سگهجي۔ هن الزام هنيو ته پابندي مڙهيل فنڊنگ ۽ سائفر ڪيس مان ڪجهه نه نڪتو ته هاڻي توشه خانه-II ڪيس ٺاهيو ويو۔ ياد رهي ته عدالت طرفان عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي 29-29 سوالن تي ٻڌل قلم 342 جو سوالنامو ڏنو ويو هو، جنهن جا جواب ٻنهي گذريل ڏينهن جمع ڪرايا۔
