پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته بدقسمتي سان خيبرپختونخواهه ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جاءِ ڏني وئي، جتي گورننس ۽ عوامي ڀلائيءَ جي نظام کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو۔ ان جو نتيجو اهو آهي جو اڄ به خيبرپختونخواهه جا بهادر عوام پنهنجي رت سان ان نقصان جي قيمت ڀري رهيا آهن۔ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪور هيڊڪوارٽر پشاور ۾ اهم پريس ڪانفرنس دوران چيو ته هن بريفنگ جو مقصد صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو پيش ڪرڻ آهي۔هن چيو ته پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ خيبرپختونخواهه جي بهادر عوام جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪجي ٿو، جيڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو حصو ڏئي رهيا آهن۔ “اسان سڀ گڏجي دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان اکيڙي اڇلينداسين۔”ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، سال 2024 کان پوءِ خيبرپختونخواهه ۾ 14 هزار 535 ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشنز ڪيا ويا، يعني روزانو لڳ ڀڳ 40 آپريشنز۔ انهن دوران 769 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 577 بهادر شهيد ٿيا، جن ۾ 272 فوجي جوان، 140 پوليس اهلڪار ۽ 165 معصوم شهري شامل آهن۔هن ٻڌايو ته سال 2025 ۾ 15 سيپٽمبر تائين 10 هزار 115 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا آهن، جن ۾ 917 دهشتگرد مارجي ويا، يعني روزانو اوسط 3.5 دهشتگرد مارجي رهيا آهن۔انهن آپريشنز دوران 516 قيمتي حياتيون شهادت ماڻي چڪيون آهن، جن ۾ 311 فوجي، 73 پوليس اهلڪار ۽ 132 شهريشامل آهن۔ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ 2024 ۽ 2025 ۾ مارجي ويلدهشتگردن جو انگ سڀني کان وڌيڪ آهي۔ گذريل سال ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ گذريل نون سالن جي گڏيل انگ کان به وڌيڪ رهيو۔هن وڌيڪ چيو ته 2016 جي آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين دهشتگردي خلاف سخت ڪارروايون ڪيون، جنهن سان هڪ پرامن خيبرپختونخواهه جو خواب حقيقت بڻجڻ جي ويجهو آهي۔پر هن افسوس سان چيو ته ڪجهه عناصر سوچيل سمجهيل نموني دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي مدد فراهم ڪئي، جنهن سبب گورننس، عوامي ڀلائي ۽ ترقياتي عمل کي ڄاڻي واڻي نقصان پهچايو ويو۔ انهن پاليسين جو نتيجو اهو آهي جو خيبرپختونخواهه جا بهادر عوام اڄ به پنهنجي رت ۽ قربانين سان اها قيمت ادا ڪري رهيا آهن۔
