اسلام آباد سينيٽر شبلي فراز جي خالي ٿيل سيٽ تي سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي۔رپورٽن موجب، اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز جي خالي سيٽ تي سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي۔اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل فهرست موجب، هن واحد سيٽ لاءِ پنج اميدوار ميدان ۾ آهن۔ ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ، ن ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ پيپلز پارٽي جا اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي چڪا آهن۔پي ٽي آءِ طرفان خرم ذيشان ۽ عرفان سليم، پيپلز پارٽي طرفان نثار خان، جي يو آءِ (ف) طرفان عابد خان يوسفزئي، جڏهن ته ن ليگ طرفان تاج محمد آفريدي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن۔
