ٺڪراٺو جي پرائمري اسڪول پاڙي ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي مبينا جوابدار ميرڻ مھتم پنجن سالن جي نينگري فاريہ ڌيءَ گل محمد مھتم سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي. نينگريءَ جي رڙين تي پاڙي جي عورتون پهچي ويون ۽ کيس جوابدار جي چنگل مان ڇڏائي ورتو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.واقعي کان پوءِ پاڙي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وارثن ۽ پاڙيسرين کان تفصيل ورتا. ان موقعي تي نينگريءَ جي وارثن ۽ پاڙيسرين جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج به ڪيو.احتجاج ڪندڙن عرفان علي مھتم، غلام محمد مھتم، عبدالرزاق، غلام علي، مائي سوڍي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته جوابدار ميرڻ گھٽي ۾ راند ڪندڙ نينگري فاريہ سان زيادتي جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن جي رڙين تي پاڙي جي عورتون پهچي ويون ۽ کيس بچائي ورتو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته نينگريءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻئي پاسي ايس ايڇ او مبارڪپور امداد جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جوابدار ميرڻ مھتم کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
