پنجاب جي گهرو وزارت صوبي ۾ 10 ڏينهن جي لاءِ هٿيارن جي نمائش ۽ عوامي اجتماعن تي قلم 144 جي تحت پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پنجاب جي گهرو وزارت صوبي ۾ 10 ڏينهن جي لاءِ هٿيارن جي نمائش ۽ عوامي اجتماعن تي قلم 144 جي تحت پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پنجاب جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ قلم 144 جي تحت جلسا، جلوس ۽ ڌرڻن تي پابندي لڳائي وئي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قلم 144 جي تحت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش ۽ عوامي اجتماعن تي به پابندي هوندي.جڏهن ته سموري صوبي ۾ اذان ۽ خطبي کان علاوه لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ياد رهي ته تحريڪ لبڪ پاڪستان اڄ اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي. گذريل ڏينهن به لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ٽي ايل پي ڪارڪنن ۽ پوليس جي وچ ۾ چڪرين جا ڪجهه واقعا سامهون آيا هئا.

پنھنجي راءِ لکو