ڪنڌڪوٽ ڀرسان بي ايس فيڊر مان هڪ نوجوان جو لاش هٿ آيو، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو. علائقي ۾ هو چوٻول آهي ته نوجوان گهران ڪاوڙجي نڪري بي ايس فيڊر ۾ ٽپو ڏئي پاڻمرادو موت کي گلي لڳايو تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي ايس فيڊر مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد علائقي واسين کيس ڏسي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ بدالشڪور بهلڪاڻي طور ٿيلاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. علائقي ۾ افواهون آهن ته نوجوان گهر وارن سان ناراض ٿي بي ايس فيڊر ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ماري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي واضح ٿيندو ته اهو پاڻمرادو موت آهي يا قتل، رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي۔
