سي سي ڊي رحيم يار خان جي مبينه مقابلي ۾ لاهور پوليس کي گهربل اشتهاري جوابدار خواجه تعريف گلشن عرف طيفي بٽ مارجي ويو۔سي سي ڊي پنجاب جي ترجمان موجب، طيفي بٽ لاهروَر جي چوبنگ ٿاڻي ۾ داخل قتل ڪيس نمبر 24/1163 ۾ گهربل هو۔ هو 10 آڪٽوبر 2025 تي ڪراچي جي قائداعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو، جتان سي سي ڊي جي ٽيم کيس تقريبن 3 لڳي 15 منٽن تي پنهنجي تحويل ۾ وٺي روڊ رستي لاهور روانو ٿي وئي۔بيان مطابق، جڏهن ٽيم 11 آڪٽوبر جي صبح رحيم يار خان جي علائقي سنجرپور ڀرسان پهتي، تڏهن اوچتو هٿياربندن گاڏي جو گهيرو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني۔ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سي سي ڊي جو هڪ آفيسر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ حملو ڪندڙ مبينه طور تي گرفتار جوابدار کي پوليس جي حراست مان ڇڏائي فرار ٿي ويا۔ترجمان موجب، مقامي پوليس ۽ سي سي ڊي اختيارين کي اطلاع ڏيڻ کان پوءِ گڏيل ڪارروائي دوران صبح 5 وڳي ٻه شڪي گاڏيون ڏٺيون ويون، جن کي روڪڻ جي ڪوشش تي ڌرين وچ ۾ 20 کان 25 منٽن تائين فائرنگ ٿي۔فائرنگ کان پوءِ موقعي تان هڪ شخص سخت زخمي حالت ۾ مليو، جيڪو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو۔ بعد ۾ سندس سڃاڻپ خواجه تعريف عرف طيفي بٽ جي طور تي ٿي۔واقعي کان پوءِ سي سي ڊي رحيم يار خان ۽ مقامي پوليس جون ٽيمون فرار ٿيل هٿياربندن جي ڳولا ۾ سرگرم آهن۔ بيان موجب، فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته جوابدار طيفي بٽ جي لاش کي مرده خاني منتقل ڪيو ويو۔رحيم يار خان ۾ طيفي بٽ جي ساٿين جي خلاف فرار ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊي ايس پي سي سي ڊي ماڊل ٽائون لاهور سيد حسين حيدر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو۔ترجمان چيو آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ تفصيل مناسب وقت تي جاري ڪيا ويندا۔
