سنڌ حڪومت جو وڏو قدم ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسن جي منظوري

سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، بورڊ جا ميمبر ۽ لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا۔ اجلاس دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 500 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن سان شهري ٽرانسپورٽ ۾ نئين دور جو آغاز ٿيندو۔ ان سان گڏ ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ايليوينڊ ايڪسپريس وي جي تعمير جي منظوري به ڏني وئي۔ ڄامشورو ۽ مٽياري ۾ 41 هزار هيڪٽرز تي ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي رعايتي معاهدي تي عملدرآمد جي به منظوري ڏني وئي۔ ان کان علاوه اجلاس ۾ چانڊڪا اسپتال ۽ جناح اسپتال جي ريڊيالوجي ۽ ڊائگناسٽڪ ليبز سروسز آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيئن علاج جي سهولتن ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو