ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ ڇهه ڏينهن جي دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي۔دوري دوران هو آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو۔محمد اورنگزيب جي عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا سان بالمشافهه ملاقات طئي آهي، جڏهن ته هو اجي بنگا جي خصوصي دعوت تي مختلف ملڪن جي ناڻي وارن وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ به شرڪت ڪندو۔ناڻي وارو وزير G24 ۽ MENAP (وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ پاڪستان) ملڪن جي پليٽفارم تي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات ڪندو، جتي هو بطور مقرر خطاب پڻ ڪندو۔ان کان علاوه، هو ايف بي آر جي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن بابت عالمي بينڪ جي اهتمام هيٺ ٿيل علائقائي رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪندو، جتي مختلف ملڪن جي ٽيڪس اختيارين سان پاڪستان جي اصلاحاتي اڳڀرائي پيش ڪندو۔محمد اورنگزيب ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اهتمام هيٺ ٿيل ٻن وڏن پروگرامز ۾ به شرڪت ڪندو، جڏهن ته چين، سعودي عرب، ترڪيه، آذربائيجان ۽ برطانيه جي هم منصبن سان ملاقاتون به سندس شيڊول جو حصو آهن۔دوري دوران ناڻي واري وزير جون وائٽ هائوس، آمريڪي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽريٽ ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون پڻ طئي ٿيل آهن۔هو ڪانگريس جي فنانشل سروسز ڪميٽي جي چيئرمين ۽ يو ايس پاڪستان بزنس ڪونسل جي عهديدارن سان به ملاقاتون ڪندو، جتي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ۽ ٽيڪس پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو