ٻانڌي ڀرسان موٽرسائيڪلن ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب فوت ٿيندڙ جمعيت علماءِ اسلام يونٽ ٻانڌي جي اڳواڻ گل محمد مينگل ۽ مير احمد بروھي جي جنازي نماز اڄ ريلوي اسٽيشن گرائونڊ ٻانڌي تي ادا ڪئي وئي.جنازي نماز جي امامت جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي. جنازي ۾ سياسي، مذهبي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن سميت هزارين شهرين شرڪت ڪئي. شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رهيو، جتي هر اک آلي نظر آئي.مقامي ماڻهن گل محمد مينگل کي بهادر ۽ عوامي خدمتگار اڳواڻ قرار ڏيندي سندس اوچتي وڇوڙي تي ڳري ڏک جو اظهار ڪيو. پوليس حادثي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فوتين جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
