ڪشمور پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ٽي جوابدار گرفتار ۽ 10 موٽرسائيڪلون هٿ

ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايتن تي ۽ ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ فراز علي متلو جي نگراني ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروايون ڪيون، جن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون.پهريئن ڪارروائي دوران پوليس هڪ شڪي جوابدار ساجد علي ولد لياقت سومرو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پاڻي جي موٽر هٿ ڪئي.ٻي ڪارروائي ۾ پوليس ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو، جن جي قبضي مان 2000 گرام چرس هٿ آئي. گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ شاهنواز پٽ امير بخش قمبراڻي ۽ نواز علي پٽ الياس قمبراڻي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس موجب اهي منو ڀلڪاڻي گينگ جا سهولتڪار آهن، جيڪي ڀتاخوري، ڦر، موٽرسائيڪل چوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن. جوابدارن خلاف پوليس اسٽيشن اي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.ان کان علاوه، پوليس هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي دوران 10 ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن جي حوالي ڪيون. موٽرسائيڪلون وصول ڪندڙ شهرين ۾ سميت ڪمار، غلام مصطفيٰ، خادم حسين ملڪ، صوڀو خان لاشاري، علي بخش باجڪاڻي، محمد امين منگي، بشير احمد نوناري، آصف علي سومرو، ڪامران کوسو ۽ محمد خان پٺاڻ شامل آهن.ڪشمور پوليس طرفان چيو ويو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪارروايون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون ۽ ڏوهاري عنصرن کي قانون آڏو آندو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو