جاتي امراءَ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ نوازشريف جي ملاقات، پاڪ–افغان ڇڪتاڻ ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت

جاتي امراءَوزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان نوازشريف جي وچ ۾ جاتي امراءَ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران پاڪ–افغان سرحد تي جاري ڇڪتاڻ ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف، نوازشريف کي تازي حڪومتي قدمن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته نوازشريف قومي ۽ علائقائي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي۔ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ عوامي رليف لاءِ گڏيل ارادي جو اظهار ڪيو۔ملاقات دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي۔ ان موقعي تي وزيراعظم، نوازشريف جي صحت بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ خانداني ماحول ۾ ڪجهه وقت گڏ گذاريو۔واضح رهي ته تازو ئي پاڪ–افغان سرحد تي افغان فورسز جي فائرنگ جي واقعي کان پوءِ پاڪ فوج طرفان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ افغان طالبان جون ڪيترين ئي پوسٽون تباهه ٿي ويون ۽ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا۔

پنھنجي راءِ لکو