روهڙي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو ڇنڇر ڏينهن تي ڪنٽينرن سان ڀريل مال بردار ٽرين حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن سبب ٽرين جون چار بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ اپ ٽريڪ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويو.ريلوي ذريعن مطابق، حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن مذڪوره ٽرين ڪراچي کان پنجاب طرف وڃي رهي هئي. حادثي سبب ڪراچي کان ايندڙ ۽ ويندڙ ڪيترين ئي ٽرينن جي آمد و رفت متاثر ٿي آهي.ريلوي ترجمان جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ۽ انجنيئرنگ ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ مرمتي ڪم جاري آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٽريڪ جي بحالي ۾ ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ ريل ٽريفڪ ٻيهر بحال ڪئي ويندي.ابتدائي رپورٽن موجب حادثو ٽيڪنيڪي خرابي يا پٽڙي ۾ خلل سبب پيش آيو. خوشقسمتي سان ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي. ريلوي انتظاميا حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اصل سببن جو پتو لڳائي سگهج
