“مذهبي پارٽي جو احتجاج: اسلام آباد، راولپنڊي جا ڪجهه رستا کوليا ويا، موبائل انٽرنيٽ جزوي بحال”

مذهبي پارٽي جي احتجاج سبب بند ڪيل رستن مان ڪجهه کي جزوي طور کوليو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي اهم روڊ اڃا تائين بند آهن، جنهن سبب شهري پريشاني ۾ مبتلا آهن۔رپورٽن موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ اڃا به ڪيترن ئي هنڌن تي ڪنٽينرز رکيل آهن، پر عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي ڪجهه اهم رستن تان رنڊڪون هٽائي ٽريفڪ کي جزوي طور اجازت ڏني وئي آهي۔ راولپنڊي جي اندروني علائقن ڏانهن ويندڙ رستا کوليا ويا آهن، جڏهن ته مري روڊ سان ڳنڍيل گهٽين مان به ڪنٽينرز هٽايا ويا آهن۔اسلام آباد ۾ ايڪسپريس وي ۽ نائينٿ ايونيو تان ڊبل روڊ کي ملائيندڙ رستو به کولي ڇڏيو ويو آهي، پر آءِ جي پي روڊ ۽ فيض آباد انٽرچينج اڃا تائين بند آهن۔موٽر وي پوليس موجب ايم 2 موٽر وي (لاهور کان اسلام آباد) ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور کوليو ويو آهي ۽ ٽريفڪ معمول موجب جاري آهي۔ ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل نئين پلان موجب راولپنڊي جي 43 هنڌن مان 6 کي مڪمل ۽ 35 کي جزوي طور کوليو ويو آهي۔اندروني ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ميٽرو بس سروس ۽ لوڪل ٽرانسپورٽ اڃا تائين بند آهي، جنهن سبب ريلوي اسٽيشن تي مسافرن جو وڏو رش آهي۔گذريل ڏينهن دوران ڪيترن ئي هنڌن تي شهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري جا واقعا پيش آيا، ايمبولينسون رستن تي ڦاسي ويون، مريضن جا وارث رستو ڏيڻ لاءِ دانهن ڪندا رهيا۔ هڪ ماءُ پنهنجي بيمار ٻار کي وقت تي اسپتال نه پهچائي سگهڻ تي لڙڪ لاڙيندي احتجاج ڪندي رهي، جڏهن ته هڪ بزرگ مريض کي ايمبولينس ۾ ئي ڊرِپ لڳائي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو