پاڪستان افغانستان طرفان ٿيل تازو حملي جو سخت ۽ مؤثر جواب ڏيندي طالبان فورسز خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن دوران طالبان جي دراني ڪيمپ 2 مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏي وئي آهي۔سيڪيورٽي ذريعن موجب دراني ڪيمپ 2 ۾ 50 کان وڌيڪ افغان طالبان ۽ غير ملڪي جنگجو مارجي ويا آهن۔ هي ڪيمپ پاڪستان اندر دهشتگردانه ڪارروائين لاءِ هڪ مرڪزي لانچ پيڊ جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو۔ذرائع موجب برابچا علائقي ۾ افغان طالبان جي ٻي بٽالين جو هيڊڪوارٽر، جيڪو پهرين بريگيڊ سان لاڳاپيل هو، ان کي به نشانو بڻايو ويو۔ انهي هيڊڪوارٽر مان غير ملڪي دهشتگرد ۽ ڀارتي اثر هيٺ فتنہ پرست عناصر پاڪستان اندر ڪارروائيون هلائيندا هئا۔اسٽرائيڪ ۾ افغان طالبان ۽ غير ملڪي دهشتگردن کي ڀاري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي۔ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي بهتر جوابي ڪارروائي سبب چمن بارڊر ڀرسان افغان طالبان ۽ انهن جي اتحادي گروپن جون ڪيترائي پوسٽون تباهه ٿي ويون، جڏهن ته ڪيترائي جنگجو ڀڄڻ دوران مارجي ويا۔جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته افغان طالبان ۽ غير ملڪي دهشتگرد پوسٽون ڇڏيندي فرار ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پاڪستاني فورسز فوري ڪارروائي ڪندي انهن کي انگيج ڪري ختم ڪري ڇڏيو۔سيڪيورٽي ماهرن موجب اها ڪارروائي پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ سرحدي دفاع جي مضبوطيءَ جو واضح مثال آهي، جنهن سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي سخت نقصان پهتو آهي۔
