— پاڪ افغان ڇڪتاڻ کان پوءِ طورخم بارڊر هر قسم جي اچ وڃ ۽ واپاري سرگرمين لاءِ بند ڪري ڇڏيو ويو آهي۔سرڪاري ذريعن موجب پاڪ ۽ افغان فورسز جي وچ ۾ گذريل رات ٿيل فائرنگ ۽ ڇڪتاڻ کان پوءِ صورتحال کي نظر ۾ رکندي طورخم بارڊر ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مال بردار ٽرڪون ۽ مسافر گاڏيون لنڊي ڪوتل ۾ بيهاريل آهن۔ذريعن جو چوڻ آهي ته بارڊر جي بندش سبب ٻنهي ملڪن جي عوام کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن ته مسافر ۽ واپاري سرحد کولجڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن۔واضح رهي ته ان کان اڳ به 21 فيبروري تي پاڪ افغان فورسز جي وچ ۾ سرحدي علائقن ۾ تعميراتي ڪم تي اختلاف پيدا ٿيڻ سبب طورخم ڪراسنگ اوچتو بند ڪئي وئي هئي۔
